ڪراچي  سنڌ جا ٽماٽا 2 رپيا ۽ ايراني ٽماٽن جو في ڪلو 50 روپين ۾ وڪرو ٿيو، ڇا اها سنڌ جي آبادگارن سان دشمني ناهي؟: سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي سنڌ دشمن ۽ هاري دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ناڪام زرعي پاليسيءَ سبب آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا، پر وفاقي حڪومت آبادگارن جي سهائتا نه ڪئي، اسماعيل راهو چيو ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽائڻ بعد بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ سان آبادگارن کي نقصان پهتو، جيڪڏهن حڪومت جي اِها هوڏ برقرار رهي ته آبادگار ڪڻڪ پوکڻ بند ڪري ڇڏيندا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *