سروسز کاتي پاران 20هين گريڊ ۾ ترقين واري ڪوٽا ۾ ايڪس پي سي ايس ڪيڊر جي ڪامورن جي ڪوٽا 25 سيڪڙو گھٽائڻ جو انڪشاف، سيڪريٽري سروسز جي موڪل دوران جنرل ايڊمنسٽريشن ونگ جي سيڪريٽري اختيارن جو استعمال ڪندي ايڪس پي سي ايس ڪيڊر ۽ پي ايس ايس ڪيڊر جي ڪامورن کي 20هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيارڻ لاءِ 50_50 سيڪڙو ڪوٽا رکڻ جي سفارش منظور ڪرائي، جنهن بعد ايڪس پي سي ايس جي ڪامورن جي 20هين گريڊ ۾ ترقين جي ڪوٽا 75 سيڪڙو مان گھٽائي 50 سيڪڙو ۽ پي ايس ايس ڪامورن جي 20هين گريڊ ۾ ترقين واري ڪوٽا 25 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ڪامورن جي ترقين واري معاملن ۾ به ناجائزين جا اسڪينڊل سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ 19هين گريڊ جي ڪامورن جي 20هين گريڊ ۾ ترقين واري ڪوٽا ۾ ايڪس پي سي ايس ڪيڊر جي ڪامورن جي ڪوٽا 75 مان گھٽائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جڏهن ته پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن جي 20هين گريڊ ۾ ترقين واري ڪوٽا 25 مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. هڪ آفيسر ٻڌايو ته  ترقين وارن رولز ۾ واضح ٿيل آهي ته 19هين مان 20هين گريڊ ۾ ترقين لاءِ ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪوٽا پي ايس ايس گروپ جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو تائين وڌيڪ آهي پر هيل 27 جنوري تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سربراهي هيٺ ٿيل سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس کان اڳ سروسز کاتي جي سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو جي موڪل تي هجڻ وقت  سندس عارضي چارج رکندڙ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽري نسيم غني سهتو سمري ٺاهي وڏي وزير کان منظوري به ڪرائي ورتي، جنهن ۾ ٻنهي گروپن جي 20 هين گريڊ ۾ ترقين واري ڪوٽا 50_50 سيڪڙو تائين رکي وئي، انهي فارمولا تحت پي ايس ايس گروپ جي 11 ڪامورن آصف جهانگير، عابده لوڌي، زبير پرويز، اشفاق  سومرو، عبدالبقار احمد، بخش علي مهر، اسحاق ڪلهوڙو، خليل شيخ، سهيل قريشي، رفيق مصطفيٰ شيخ ۽ آفتاب ميمڻ کي 20هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي هئي. جڏهن ته ايڪس پي سي ايس گروپ جي رڳو 6 ڪامورن فيصل عقيلي، ريحان اقبال بلوچ، شاهد عبدالسلام، بچل راهپوٽو، علي احمد بلوچ ۽ اعجاز علي شاھ کي  20هين گريڊ ۾ ترقي ملي، ان حوالي سان ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ اڳيان ڪوٽا گھٽائڻ واري معاملي تي احتجاج رڪارڊ به ڪرايو آهي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *