سکر (بيورو رپورٽ) آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش، خورشيد شاهه کي اسپتال مان ايمبولينس ذريعي عدالت پهچايو ويو، صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا جوابدار به عدالت آڏو پيش، خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران جيالن جو احتجاج، جيالن طرفان نيب خلاف ۽ خورشيد شاهه جي حمايت ۾ نعريبازي، عدالت ٻاهران مظاهري دوران جيالن طرفان خورشيد شاهه کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *