ڪراچي: تڪراري اداڪاره مٿيرا تازو ئي سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد ڪندڙن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون آهن. مٿيرا جو چوڻ هو ته مان ٿلهي آهيان، پر خوش آهيان توهان ڪير ٿيندا آهيون مون تي تنقيد ڪرڻ وارا، مهرباني ڪري پنهنجي ذات تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته مان اهو ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آهيان ته مون سرجري ڇو ڪرائي، مونکي هارمونز ۽ وزن ۾ لهه چڙهه جو مسئلو آهي، جيڪڏهن آئون سرجريز ڪرائينديس ته تسليم ڪنديس، مونکي پلاسٽڪ چوڻ بند ڪريو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *