سکر اڪيڊمي آف ليٽرس پاران مختلف اديبن ۽ شاعرن ۽ صحافين کي ايوارڊز ڏنا ويا آهن، ڪمال فن ايوارڊ اردو جي مشهور فڪشنگار اسد محمد خان کي ڏنو ويو ، 2019ع لاءِ شاعري جو شاهه لطيف ايوارڊ اشفاق آذر جي شعري مجموعي “عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آھي” کي ڏنو ويو، اڪيڊمي ادبيات پاران نثر تي مرزا قاليچ بيگ ايوارڊ ادل سومري جي تحقيقي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ” ۽ رسول ميمڻ جي ناول “اک ڇنڀ” کي ڏنو ويو، اهي ايوارڊ سال 2019ع جي ڪتابن تي ڏنا ويا آھن، ڪمال فن تي سان 10 لک رپيا ۽ نثر توڙي شاعري جي ڪتابن تي ٻه ٻه لک به ڏنا ويندا، ملڪ جي ٻين جي ڪتابن تي نثر ۽ شاعري تي الڳ الڳ ايوارڊ ڏنا ويا آھن.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *