ڪراچي (ويب رپورٽر) سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان پهرين جولاءِ ۽ انٽر جا امتحان 28 جولاءِ کان ڪرائڻ جو اعلان، ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ امتحانن جو وقت 3 ڪلاڪ مان گهٽائي 2 ڪلاڪ ڪرڻ جو فيصلو، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته انٽر جَي امتحانن جا نتيجا 15 آڪٽوبر تائين جاري ڪيا ويندا، يونيورسٽيز، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجز جي انتظاميا سان رابطو ڪري سفارش ڪئي ويندي ته داخلا لاءِ ٽيسٽ 15 آڪٽوبر کانپوءِ ورتي وڃي، هن سال ڪنهن به شاگرد کي امتحان بنا پروموٽ نه ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس بعد سعيد غني چيو ته استادن جون ڀرتيون آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڪيون وينديون، صوبائي وزير طرفان اين ٽي ايس ذريعي استادن جي ڀرتي وارين رپورٽس جي ترديد ڪئي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *