اسلام آباد(بيورو) چيمبرز ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪندڙن وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ چيف جسٽس جي چيمبر جي ٻاهران سخت نعريبازي ڪئي.اسلام آباد ڪچهري ۾ چيمبرز ڊاهڻ جي خلاف وڪيلن سخت احتجاج ڪيو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نعرا هڻندي چيف جسٽس جي بلاڪ ۾ داخل ٿيا جڏهن ته وڪيلن چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بلاڪ ۾ درين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن جي چيمبر جي ٻاهران نعريبازي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بلاڪ ۾ جڏهن وڪيل آيا ته ان وقت اسپيشل سيڪيورٽي پوليس نه هئي ۽ اسلام آباد پوليس جا جٿا ڪافي دير کان پوءِ عدالت پهتا جڏهن ته ان دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ميمبر ۾ محصور ٿي ويو.ان موقعي تي مڇريل وڪيلن صحافين سان بدتميزي ڪئي ۽ ويڊيو ٺاهڻ تي وڙهي پيا جڏهن ته وڪيلن اسلام آباد جي ضلعي ڪچهري ۾ سموريون عدالتون بند ڪرائي ڇڏيون ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪيسن جي ڪارروائي روڪي وئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *