ڪراچي احتساب عدالت ثقافت کاتي ۾ مبينا ڪروڙين رُپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ روپوش جوابدار وقار شاهه جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سياحت کاتي جو ايم ڊي روشن قناصرو پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر چيو آهي ته سنڌ ۾ ثقافت کي هٿي ڏيڻ جو ڪم جوابدارن کي ڪم ڏنو ويو، جوابدارن ڪرپشن ڪري قومي ناڻي کي 4 ڪروڙ 85 لک رُپين جو نقصان پهچايو آهي، واضح رهي ته سپريم ڪورٽ مان عبوري ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار روشن ڪناسرو کي گرفتار ڪيو ويو هو.