ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آرڊيننس ذريعي آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهجَي، پي ٽي آءِ جِي اِها سازش ڪامياب ٿي ته اُهو جمهوريت تي وڏو حملو هوندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ وٽ سينيٽ چونڊن لاءِ اڪثريت ناهي، اُن کي لڪائڻ لاءِ آرڊيننس جو سهارو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته حڪومت کي خبردار ٿو ڪيان ته اوپن ووٽنگ ۾ به حڪومتي ميمبر کين ووٽ نه ڏيندا، ڳجهي طريقي سان ووٽ جو حق به کسيو ويو ته سياسي جماعتن جو سخت ردعمل ايندو. پ پ چيئرمين چيو ته عام چونڊن ۾ هڪ پارٽي لاءِ هڪ ئي سليڪٽيڊ اميدوار لاءِ ڌانڌلي ڪرائي وئي ۽ هاڻي سينيٽ چونڊن ۾ ريفرنس ۽ آرڊيننس جي ذريعي ترميمي بل پيش ڪيو، اُن ۾ پارليامينٽ سان گڏ سپريم ڪورٽ به تڪراري ٿي سگهي ٿي ۽ سينيٽ جو پورو اليڪشن به تڪراري هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان لاءِ ۽ هر جمهوري ملڪ ۾ هر شهري کي ووٽ جو حق آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڳجهي ووٽ جو حق آهي ته جيئن هُو مڪمل پرائيويسي تحت ووٽ داخل ڪري سگهي ۽ اُن جي ووٽ سبب ڪير اُن کان بدلو نه وٺي سگهي. هُن چيو ته نواز ليگ ۽ پ پ سميت پاڪستان جون سموريون سياسي جماعتون سينيٽ اليڪشن ۾ چونڊ سڌارن جي حمايت ۾ آهن پر حڪومت اُن ۾ ڪا دلچسپي نٿي رکي، حڪومت شفاف ۽ غيرتڪراري چونڊُون نٿي چاهي.  پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن حڪومت واقعي شفاف چونڊون چاهي پئي ته ٽن سالن کان حڪومت ۾ آهي، چونڊ سڌارن ۽ ضروري قانونسازي ۽ آئين ۾ ترميم تي ڪم ڪري پئي سگهي پر حڪومت جي نيت خراب هئي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي پهرين اميد هئي ته کيس سينٽ ۾ فري هينڊ ڏنو ويندو ۽ اُن جو مقابلو نه ٿيندو، پي جڏهن کين خبر پئي ته پي ڊي ايم سندن سينيٽ چونڊن ۾ مقابلو ڪري رهي آهي  ۽ انهن جا اسميبلي ميمبر ناراض آهن ته پوءِ حڪومت عدالتي ريفرنس داخل ڪيو ۽ بعد ۾ هِڪُ آئيني ترميم جو بل ڪميٽي جي ذريعي بحث کانسواءِ  مڙهيو ويو.  ڊي جِي آءِ ايس پي آر جَي بيان بابت سوال جَي جواب ۾ بلاول چيو ته اسان جو به اصولي موقف آهي ته فوج جو سياست ۾ ڪردار نه هجڻ گهرجَي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *