ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ارمينا خان چيو آهي ته چڱائي انسان جي چهري تي ظاهر هوندي آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنهن انسان جي نيت ۽ سوچ سٺي هوندي آهي ته چڱائي ان جي چهري تي ظاهر هوندي آهي ۽ هو هميشه ٻين جي نظر ۾ معتبر ۽ قابلِ احترام رهندو آهي. ارمينا رانا خان اڄ ڪلهه ڊرامي محبتين چاهتين ۾ جوهر ڏيکاري رهي آهي جنهن جي ڪاسٽ ۾ جنيد خان، حرا ماني، ابراهيم علوي، ٽيپو شريف، غنا طاهر، سيف حسن ۽ ساجده سيد شامل آهن. ڊرامي جو هدايتڪار علي حسن ۽ ليکڪ سميرا فضل آهي.