سونيا حسين

ڪراچي: (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره سونيا حسين چيو آهي ته اسان جي پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن اهو سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ته اسان کي ڇا ڏيکارڻو آهي. هتي جيڪو نظر اچي پيو اهوئي وڪامي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪچرو وڪامي رهيو آهي ته اوهان به اهو وڪرو ڪري رهيا اهيو.اداڪاره سونيا حسين برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پنهنجي نئين درامي(سراب) جي باري ۾ ڳالهه ڪئي. ان ڊرامي ۾ سونيا دماغي بيماري ۾ مبتلا عورت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.انٽرويو جي دوران هن ان ڪردار جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن جي دماغي بيمارين بابت کلي ڳالهيون نه پيون ڪيون وڃن. پر ان جو علاج ڪرائڻ جي بجاءِ ان کي لڪايو ويندو آهي. سونيا حسين چيو ته اڄڪلهه چينلز صرف ٽي آر پي ريٽنگز جي پويان ڀڄي رهيا آهن. مون کي به ان ڊرامي جي آڇ ٿي ته مون کي سٺو لڳو ڇو ته هي هڪ اهڙي پراجيڪٽ جي لاءِ جنهن کي آر ٽي پي جي لاءِ نه پر ماڻهن ۾ آگاهي پکيڙڻ جي لاءِ ٺاهيو پيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *