ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اسلام خاطر بالي ووڊ ڇڏيندڙ اڳوڻي اداڪارا ثنا خان چيو آهي ته پنهنجي نفس کي هر ان شئي کان روڪڻ گهرجي جنهن کان الله منع ڪيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ثنا خان نفس جي تزڪيي جي حڪم بابت تفصيل ٻڌايا ۽ نفس کي قابو ۾ رکڻ جي حوالي سان به ٻڌايو. هن پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته هر ان شئي کان نفس کي روڪڻ گهرجي جنهن کان الله منع ڪيو آهي. هن چيو ته پنهنجو هر ڪم الله جي حڪم موجب ڪجي ته ذهني ۽ قلبي سڪون ملندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *