لاهور: اڳوڻي گلوڪاره رابي پيرزاده پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ رڪشا هلائي رهي آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب هي رابي يپرزاده فائونڊيشن جو رڪشا آهي جنهن کي رابي هلائي رهي آهي، رابي پيرزاده رڪشا هلائيندي پيغام لکيو”الحمدالله اسان جي فائونڊيشن جو هي پهريون رڪشا آهي، ڪڏهن پنهنجي مرسڊيز هئلائي ايتري خوشي نه ٿي جيڪا هن جي آهي، الله اسان کي همت ۽ طاقت ڏئي ته اسان ماڻهن جي مدد ڪيون.
رابي پيرزاده 2005 ۾ شوبز ڪيريئر شروع ڪيو هو، هن ميوزڪ البم لانچ ڪرڻ کان علاوه ٻيا ڪيترائي پروگرام بطور ميزبان ڪيا، هن اداڪاره ميرا سان گڏجي شورشرابا ۾ به ڪم ڪيو، پر 2019 ۾ رابي شوبز کي ڇڏي پنهنجي زندگي کي اوچتو تبديل ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *