اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ نيوي عربي سمنڊ ۾ اينٽي شپ ميزائلس فائرنگ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، نيوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تجربي دوران جنگي بحري جهاز، هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ڪاميابي سان پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي طرفان ميزائلس فائرنگ جو مشاهدو، پاڪ نيوي جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار، چيف آف نيول اسٽاف جو چوڻ هو ته پاڪ نيوي ڪنهن به قسم جي اڳرائي جو ڀرپور نموني جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، نيوي جا جوان توڙي آفيسرز سامونڊي حدن ۽ اثاثن جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تيار آهن.

By admin

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *