پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت طرفان سي پيڪ کي سبوتاز ۽ پاڪستان ۾ پابندي پيل تنظيمن کي متحد ڪرڻ جو انڪشاف، پرڏيهي وزير پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث جا ڊوزيئرس پڌرا ڪري ڇڏيا، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشاور ۽ ڪوئيٽا سوڌو ٻين دهشتگرد حملن ۾ ڀارت ملوث آهي، پڪا ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ لاءِ دهشتگرد تنظيمن کي متحد ڪري رهيو آهي، ڀارت نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پاڪستان اندر دهشتگردي وڌائڻ جو ارادو رکي ٿو، هاڻي خاموش ويهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندو، واضح طور ٻڌائڻ گهرون ٿا ته ڀارت سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ گهري ٿو، اُن لاءِ مودي جي نگراني ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *