اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون بعد اسلام آباد، ڪراچي ۽ ملتان سميت ڪجهه شهرن ۾ بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جي مختلف  علائقن جا 25 فيڊرز بحال ٿيڻ بعد بجلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي.  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي ناظم آباد ، فيڊرل بي ايريا ۽ ملير سميت ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ٿي وئي آهي.  ٻئي طرف پنجاب صوبي جي مختلف شهرن ملتان ، گوجر خان ، جهلم سميت ڪجهه شهرن ۾ بجلي بحال ٿي وئي آهي.  ڪي پي ڪي صوبي جي مردان سميت   ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ٿي وئي  آهي.   انتطاميا پاران ملڪ ۾ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون جاري آهي توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب  بجلي جي بحالي واري  ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آه

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *