سکر پوليس جو ڪارنامو، سرڪاري هٿيار عورت اينڪر جي حوالي ڪري ڇڏيو، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، ڌاڙيلن جي آماجگاھ طور سنڌ ۾ مشهور شاھ ٻيلو  ۾ آپريشن دوران عورت اينڪر سرڪاري هٿيار سان تصويرون ڪڍرايون، پوليس وردي ۾ بيٺل اهلڪار اعليٰ آفيسرن جي هدايتن تي عورت اينڪر جي پروٽوڪول ۾ نظر اچي رهيا آهن، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سنڌ پوليس تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آھي ته تصوير اينڪرپرسن اقرار الحسن جي گهرواري اينڪر فرح اقرار جي آھي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *