سنڌ حڪومت پوليس آفيسر عثمان غني تي مهربان، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي کيس ٽيهر اينٽي ڪرپشن جو ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن کي ڊيپوٽيشن مڪمل ٿيڻ بعد ٻيهر اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مقرر نه ڪرڻ وارن حڪمن جي لتاڙ ڪندي ايس ايس پي عثمان غني کي ٽيهر اينٽي ڪرپشن جو ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي عثمان غني هن کان اڳ  به ڊائريڪٽر انڪوائريز ۽ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ جي عهدن تي رهي چڪو، عثمان غني جي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ طور مقرري تان سخت اعتراض اٿيا هئا، ان وقت ايس اينڊ جي اي ڊي طرفان قانون واري وزارت کي هڪ خط لکي عثمان غني جي ٻيهر مقرري بابت راءِ پڻ گھري وئي هئي، جنهن بعد عثمان غني کي هٽايو ويو هو. هاڻي کيس ٽيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس آفيسر سعادت حسين جي به اينٽي ڪرپشن ۾ ٻيهر ڊائريڪٽر انڪوائريز عدالت ۾ چئلينج ٿيل آهي، عدالت مرتضيٰ ميمڻ کي بدلي ڪري سعادت حسين کي مقرر ڪرڻ جي حوالي سان اسٽي آرڊر پڻ جاري ڪري چڪي آهي، باوجود سنڌ حڪومت وري هڪ پوليس آفيسر کي ٽيهر اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو، عثمان غني جي مقرري تي کاتي جي آفيسرن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي، عثمان غني کي اڳ ۾ اعتراض اٿڻ ڪري هٽايو ويو هو ته هاڻي کيس ٽيهر ڪيئن مقرر ڪيو ويو؟ کاتي جا آفيسر سوال اٿارڻ لڳا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *