بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪندي 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا چانور هٿ ڪري ورتا، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، هٿ آيل چانورن تي مل مالڪ پاران پنجن خانگي بينڪن مان 80 ڪروڙ رپيا قرض ورتل هو، جنهن بعد جعلسازي ڪري رات جي وقت گدام مان چانورن کي ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو پئي ويو ته پوليس ڪاروائي ڪئي. خبر موجب بن قاسم پوليس گهگهر ويجهو ڪارروائي ڪري سلور گدام مان 80 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا چانور هٿ ڪري ورتا. جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مل جي مالڪ نندلال پاران مختلف خانگي بينڪن جي ايس بينڪ، ميزان بينڪ، ايم سي بي، دبئي اسلامي بينڪ، برقا بئنڪ مان 80 ڪروڙ رپيا قرض حاصل ڪيو ويو هو، جنهن بعد گدام مالڪ گدام تي بينڪ پاران مقرر ڪيل سيڪيورٽي اهلڪارن کي موڪل ڏئي ڇڏي. ان بعد گهگهر ويجهو سلور گدام مان 80 ڪروڙ ماليت جا چانور 27 کان 29 مارچ تائين ٽرڪن ذريعي ٻئي هنڌ منتقل ڪيا ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي چانور هٿ ڪري ورتا. آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. پوليس موجب ڄاڻايل بينڪن جي فرياد تي بن قاسم ٿاڻي تي ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل آهن. چوري ۽ جعلسازيءَ ۾ ملوث نندلال ۽ آڪاش ڪمار کي روپوش ڄاڻايو ويو آهي جن جي گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *