اسلام آباد: ( بيورو رپورٽ ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، سومر تي ٻيهر اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ کي نئين آدمشماري سان مشروط ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران 10 سالن کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو، سنڌ صوبي کي 3800 ميگاواٽ واڌو بجلي ڏيڻ ۽ سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاق هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا معاملا ۽ صوبائي فوڊ اٿارٽيز جا معيار طئي ڪندو……….

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *