گمبٽ ڀرسان قومي شاهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا جن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ مهناز، خانزادي، نجف، فدا حسين ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين ۾ ماءُ ۽ پٽ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڪوچ ڪراچي کان ميرپور ماٿيلو وڃي رهي هئي ته قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي