هري پور (ويب ڊيسڪ) توانائي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين سبب اسان کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هاڻي حالتون تيزي سان بهتري طرف وڃي رهيون آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، جنهن جا اثر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن. اليڪشن ۾ جهڙي ريت هري پور جي عوام سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي هن کي ڪامياب ڪيو. ان کان وڌي ڪري نه صرف ضلعي جي عوامي محرومين جو خاتمو ڪري رهيو آهي پر اربين رپين جي فنڊنگز ڪري بجلي ۽ گئس جا  اهي ميگا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جن سان ايندڙ نسلن کي پڻ فائدو ٿيندو. اها ڳالهه هن 6 ڪروڙ 58 لک رپين جي فنڊنگ سان خانپور جي علائقي شوهي موهيڙا گزن ۾ گئس جي فراهمي جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي علائقي واسين عمر ايوب خان سميت ٻين عملدارن جو پرجوش استقبال ڪيو. مقامي نمائندن جلسي کي خطاب ڪندي گئس فراهمي جي منصوبي تي وفاقي وزير عمر ايوب خان کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس بي مثال عوامي خدمتن جي تعريف ڪئي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *