ڪُنري ڀرسان خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ 10 گهر سڙي ويا، ڳوٺ ڊاڪٽر راڻو مل ڪڇي ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ڀرپاسي جي گهرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، سامارو ۽ عمرڪوٽ مان فائر برگيڊ گاڏيون طلب، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل، هالا جي ڳوٺ انڙ خاصخيلي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻڪريون سڙي مري ويون، گهر ۾ رکيل اناج، هنڌ بسترن ۽ نياڻين جي ڏاج سوڌو سمورون سامان سڙي رک، منهڙو ڀرسان باهه سبب ڳوٺاڻي مريد چانڊيو جو گهر سڙي ويو، متاثر خاندان کُليل آسمان هيٺ ويٺل آھن.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *