ڪورونا وبا سبب گذريل سال ملتوي ٿيل سنڌ لٽريچر فيسٽيول جون ڪراچي ۾ تقريبون شروع ٿي ويون، آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ڪيل ادبي ميلي جو ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه افتتاح ڪيو، ٽن ڏينهن واري ادبي ميلي ۾ مختلف سيشنز رکيا ويا، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته ادبي ميلن جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، جيڪا روايت برقرار آهي،فيسٽيول لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ٿيڻ گهرجي، لٽريچر فيسٽول ۾ سنڌي سماج جو جائزو جي عنوان هيٺ سيشن ٿيو، جنهن ۾ جامي چانڊيو، مهتاب اڪبر راشدي، نورالهديٰ شاهه، نصير ميمڻ ۽ امر سنڌو خطاب ڪيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *