اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ)  ڪورونا وائرس ٽيسٽ جو نتيجو ايپ جي ذريعي صرف 10 منٽن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي(آءِ ٽي) جا ماهر هڪ اهڙي ايپ تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن جيڪا تمام جلد ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جو نتيجو ڏيندي. هي نئين ايپ انساني ٿُڪ جي مدد سان  صرف 10 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي جو پتو لڳائيندي.

موبائل فون هڪ ننڍي خوربين سان لاڳاپيل هوندو جنهن جي مدد سان ٿُڪ جي تجربن سان ڪورونا وائرس جي موجودگي جي خبر لڳائي ويندي. ماهرن طرفان تيار ٿيل هن ايپ جو مقصد ڪورونا ٽيسٽ جو جلد ۽ صحيح نتيجو حاصل ڪرڻ آهي.

دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 10 ڪروڙ 35 لک 24 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ 22 لک 37 هزار 746 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *