ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿي ويل گمبٽ واسي چئن فنڪارن سميت 12 ڄڻن کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل، پوليس آپريشن جو به ڪو نتيجو نه نڪتو، سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت. خبر موجب بڊاڻي ويجهو ڌاڙيلن پاران شادي جي پروگرام بهاني دوکي سان گهرائي اغوا ڪيل گمبٽ واسي فنڪارن سهيل ڀٽي، دربان، اخلاق ۽ مزمل ڀٽي کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس به داخل ناهي ٿي سگهيو، گذريل ڏينهن پوليس مغوين جي وارثن کان ٽن ڏينهن جي مهلت وٺي واپس ڪيو هو، جيڪا پڻ پوري ٿي چڪي آهي پر پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. پنج ڏينهن پهريان ڪرمپور جي جمال چوڪي جي حد مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار عطاءُ الله باجڪاڻي، پنهل بهلڪاڻي ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ چئن ڏينهن کان هلندڙ آپريشن به ڪو نتيجو ڏئي نه سگهيو آهي ۽ پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي. هوڏانهن ڪنڌڪوٽ واسي ٻه پورهيت محمد خان ۽ نصرالله ميراڻي به ڌاڙيلن وٽ قيدي بڻيل آهن، جن کي نلڪا هڻائڻ بهاني ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، ڳوٺ عارب خان جي رهواسي سميت ٻيا به ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *