ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ محمد مراد بجاراڻي مان اغوا ٿيل پورهيت علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ پوليس پاران ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو ، علي خان جعفري کي 20 ڏينهن اڳ ٽيوب ويل تان اغوا ڪري ويا جنهن جا وارث سخت پريشان آهن، مغوي جي بازيابي لاءِ ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ايس ايڇ او ڪرمپور جي اڳواڻي ۾ ڪچي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ آهي، پوليس پاران ڳوٺ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين مغوي جي بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي ايس ايڇ او ڪرمپور حسين علي شاهاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا آهن ڪاميابي ملڻ جي اميد آهي.