ڪراچي ۾ مختلف وارداتن ۾ ملوث دهشتگرد اهم انڪشاف ڪيا آهن، جاچ دوران گرفتار دهشتگرد سرڪش علي عرف سني جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ پوليس سوڌو ٻين تي دستي بم حملن ۾ ايس آر اي سان سهڪار ڪيو، دستي بم حملا ڪراچي ۽ صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪرڻ جي لاءِ حڪم اصغر شاهه طرفان ڏنا ويندا هئا،  سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار سرڪش جو چوڻ آهي ته حڪم  ملڻ بعد ساٿين سان گڏجي ريڪي ڪئي ۽ ميپ تيار ڪيو، سرڪش علي عرف سني موجب ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن مان 12 کان وڌيڪ دوست ساٿي ايس آر اي جي لاءِ ڪم ڪري چڪا آهن، چار ساٿين کي سي ٽي ڊي گرفتار ڪري چڪي آهي، انهن چئني به مختلف هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز تي دستي بم حملا ڪيا هئا، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ رهندڙ گهٽ عمر جي ڇوڪرين جو برين واٽ ڪري بلوچستان تربيت جي لاءِ موڪليو ويندو هو، ايس آر اي جو ميڊيا ونگ به تمام گهڻو سرگرم آهي. جوابدار افغانستان ۽ بلوچستان ۾ جتي ٽريننگ ورتي اُتي جا فوٽجيز به موجود آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *