ڪراچي: (بيورو رپورٽ) انڪل سريا جي سامهون نامعلوم ماڻهن جي ڪار مٿان فائرنگ سبب 4 مشهور ٽڪ ٽاڪر قتل ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي انڪل سريا اسپتال جي سامهون نامعلوم ماڻهن هنڊا سٽي ڪار مٿان فائرنگ ڪري عورت سميت 4 مشهور ٽڪ ٽاڪر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مقتوله عورت جي سڃاڻپ مشهور ٽڪ ٽاڪر 38 ساله مسڪان شيخ جي نالي سان ڪئي وئي. مقتوله لانڍي جي رهواسڻ هئي.

زخمين جي سڃاڻپ انهن وٽان ملندڙ سڃاڻپ ڪارڊ سان 29 ساله صدام حسين ولد عبدالله جان غمگين، 24 ساله سيد ريحان شاهه ولد سيد نصير حسين شاهه ۽ 25 ساله عامر خان ولد آصف خان جي نالي سان ڪئي وئي. زخمي ٿيندڙ ٻيا 3 ڄڻا صدام حسين، عامر خان ۽ سيد رحان شاهه به وقفي وقفي سان سول اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

مقتول صدام حسين گهر نمبر 9516 بلاڪ ڊي گلشن غازي بلديه ٽائون جو رهواسي ۽ مشهور ٽڪ ٽاڪرز هو. مقتول عامر خان پٽيل پاڙي جو رهواسي هو جڏهن ته مقتول سيد ريحان شاهه  توحيد نگر گلشن غازي ڪالوني بلديه ٽائون جو رهواسي هو. مقتول صدام ۽ ريحان پوليس ۾ قومي رضاڪار هئا.

اکين ڏٺين شاهدن موجب مذڪوره چارئي ڄڻا ڪار ۾ وڃي رهيا هئا ته پٺيان کان ايندڙ رڪشي ۾ سوار ماڻهن انڪل سريا اسپتال ويجهو هنڊا سٽي ڪار تي پٺيان کان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي گولي لڳي ۽ ڪار جي اسپتال  جي گيٽ جي سامهون رڪجندي ئي هٿياربند جوابدارن رڪشا تان لهي ڪار کي گهيري ۾ وٺي ان ۾ سوار ماڻهن کي هيٺ لاهي گوليون هنيون ۽ رڪشي سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم پسٽل جا 9 خول حاصل ڪري  فارنزڪ ليبارٽري موڪلي ڇڏيا آهن. پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *