ڪراچي جي خيابان شجاعت ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران هڪ سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب جنهن بنگلي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، اتي مقرر سيڪيورٽي گارڊ جي ڊرامي جي پروڊيوسر سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد گارڊ گل ڀائي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته سيڪيورٽي گارڊ جو پروڊيوسر سان جهيڙو مانيءَ جي ڳالهه تان ٿيو، واقعي جي جاچ اڃان جاري آهي.

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *