ڏهرڪي ويجهو مريد شاخ واري علائقي ۾ 20  سالن کان هلندڙ مزاري ۽ ميراڻي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، مجموعي طور تي ڌرين مٿان  95 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، ميراڻي ۽ مزاري برادري ۾ سال 2001 ۾ جهيڙو ٿيو هو،ميراڻي برادري جا ٽي نوجوان ۽ مزاري برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿيو هو،جرڳو سردار سليم جان مزاري ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي  سائين رکيو ميراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو،ميراڻي برادري ٽن  نوجوانن ،نادر ،نظير احمد ،غفار ميراڻي جي  خونن  جو 60 لک ۽  5  لک روپيا  ڏنڊ  ميراڻين مٿان پيو  ۽ مزاري برادري جي  يار محمد مزاري جي  خون جو  20  لک ۽ زخمي جو 10 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، مزاري برادري جو ميراڻين تي پيل 30 لک ڏنڊ جي رقم ڪٽي ،باقي 35 لک روپيا مزاري ڌر ميراڻي کي ڀري ڏيندي….

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *