ڪراچي/ڪوئيٽا (نمائندن وٽان) مچ سانحي جي متاثرن ۽ حڪومتي ٽيم وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڪوئيٽا ۾چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به ڌرڻا لڳل آهن. وفاقي وزير علي زيدي ، ذلفي بخاري ۽ قومي اسميبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڪوئيٽا پهچي مچ سانحي جي متاثرن سان ڳالهيون ڪيون. حڪومتي ٽيم پاران متاثرن کي مڙهه دفن ڪرڻ ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي پر متاثرن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سانحي ۾شهيد ٿيل پورهيتن جي وارثن وزيراعظم عمران خان جِي ڪوئيٽا آمد تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ايم ڊبليو ايم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو عمران خان کي پنهنجو سربراهه سمجهي گهرائي رهيا آهن، وزيراعظم جي هتي اچڻ سان سندس شان ۾گهٽتائي نه پر اضافو ٿيندو. وفاقي وزير علي زيدي مظاهرين سان ڳالهين دوران کين پورهيتن جي تدفين ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ذلفي بخاري چيو ته هو خاطري ڪرائين ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي وٺي ايندا، احتجاج ختم ڪري ميتن جي تدفين ڪئي وڃي. ٻئي طرف مچ ۾پورهيتن جي قتل خلاف ڪراچي ۾مختلف هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. نمائش چورنگي، عباس ٽائون، ڪامران چورنگي، گلستان جوهر، ملير ۽ ڊرگ روڊ تي ڌرڻا لڳل آهن . اسلام آباد جي ڊي چوڪ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به سانحي خلاف احتجاج جاري آهي……

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *