چانڊڪا اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ جو خدشو هجڻ ڪري ايم ايس ڊي سي لاڙڪاڻي کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چانڊڪا اسپتال جي مرڪزي اسٽور ۾ پيل دوائن جي ورهاست کان پهريان انسپيڪشن ضروري هوندي آهي، صحت کاتي پاران مقرر ڪيل اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو دوائن جي انسپيڪشن نٿو ڪري، ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي خط م چيو آهي ته انسپيڪشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ مريضن کي حياتي بچائيندڙ دوائون فراهم نه ڪري سگهنداسين، ڇتي ڪتي جي چڪ واري وئڪسين، ايمرجنسي وارڊ، ڊائلاسز جي مريضن سميت سموري اسپتال ۾ داخل مريضن کي دوائون فراهم نه ٿي سگهنديون، ڊي سي لاڙڪاڻو کي لکيل خط ۾ ايم ايس ان معاملي تي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو لکندي واضع ڪيو آهي ته مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ٻئي طرف فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائون جي کوٽ خلاف شهرين پاران معصوم ٻار ساڻ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته فيض گنج  سرڪاري اسپتال ۾ لکين رپين جون دوائون اچن ٿيون پر دوائون وٺڻ لاءِ ايندڙ مريضن کي دوائون کان جواب ڏنو وڃي ٿو  مرضن کي پرائيويٽ اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ جون پرچون لکي ڏنيون وڃن ٿيون مظاهرين چيو آهي ته  سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن جو مريضن سان رويو به درست نه آهي مريضن کي وڌ گهٽ ڳالهايو وڃي ٿو سرڪاري دوائون ڊاڪٽر وڪرو ڪن ٿا جنهن ڪري مريضن کي دوائون کي جواب ڏنو وڃي ٿو، پرائيويٽ اين جي اوز آءِ ايڇ ايس اسپتال حوالي ڪرڻ بعد اسپتال مريضن لاءِ شفا بجاءِ ڪوس گهر بڻجي وئي آهي، هنن چيو آهي ته انچارج ايم ايس سميت عملي خلاف ڪارروائي ڪري دوائون جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *