ڄام نواز علي ۽ ملير جي چونڊ تڪن تي پ پ اميدوارن کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل تحريڪ انصاف جا اميدوار هارائي ويا، پي ايس 43 ڄام نواز علي جي تڪ تي پ پ اميدوار ڄام شبير علي 48208 ووٽ کٽي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل تحريڪ انصاف جو اميدوار صرف 6925 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته ملير جي پي ايس 88 تڪ تي پ پ اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ 24 هزار 251 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار سيد ڪاشف علي 6 هزار 90 ووٽ  کڻي ٻئي نمبر تي رهيو،جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار جان شير جوڻيجو 4 هزار 870 ووٽ کڻي سگهيو، پ پ اميدوارن جي ڪاميابي تي ملير ۽ ڄام نواز علي ۾ پ پ ڪارڪنن پاران جهمريون هنيون ويون….

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *