ڄام نواز علي جي صوبائي تڪ پي ايس 43 تي ننڍي چونڊ لاءِ پ پ اُميدوار ڄام شبير علي ڪورونا جو شڪار، ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد پاڻ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄام شبير علي، بختاور ڀٽو زرداري جي شادي تقريبن ۾ شرڪت کان اڳ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي، رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد شادي جي تقريبن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، پ پ طرفان پي ايس 43 تي ننڍي چونڊ دوران ڄام شبير کي اُميدوار نامزد ڪيو ويو هو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *