ڀرچونڊي شريف جي پير عبدالحق عرف ميان مٺو پنهنجي جانشين جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان مٺو جو چوڻ هو ته ٽيون نمبر پٽ ميان رفيق احمد منهنجو سياسي جانشين ۽ پڳ جو وارث هوندو، ميان شبير احمد ۽ ميان فاروق وڏا پٽ آهن پر منهنجو وارث ميان رفيق هوندو.