ڀريا سٽي  ويجهو  ڳوٺ  حسين  ڪلهوڙو مان  هڪ ڀاڳئي دائود  ڪلهوڙي  جي چوري ٿيل مينهن جا پيرا  کنيا ويا. پوليس، ڀاڳين ۽ کوجي ڪتن پيرا کڻندي جڏهن دالي شهر جي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ هڪ شهري اعجاز ڪلهوڙي وٽ پهتا ته چوري ءَ جي الزام هيٺ آيل شخص 2 پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي جاءِ جي ڪوٺي تي چڙهي ويو. مبينه چور ڄاڻايل شخص پاڪ ڪتاب کڻي   پوليس ۽ ڀاڳين کي پنهنجي صفائي ڏيڻ لڳو مان چور ناهيان. سندس چوڻ هو ته ڀرياسٽي پوليس اڳ سولر پليٽ چوري الزام ۾ گرفتار ڪيو ايس ايڇ او ڀرياسٽي  2 لک ورتا ۽ هٿ جو چرس لڳائي چالان ڪيو، هاڻ گرفتاري نه ڏيندس، مون سان انصاف ڪيو وڃي ـ

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *