پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ چونڊ جا نتيجا رد ڪندي پرزائيڊنگ آفيسر کي جانبدار قرار ڏيندي نتيجا چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بلاول چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني ڪاميابي باوجود ڪرسي تي ناهي، صادق سنجراڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مسلط ڪيو ويو آهي،مريم نواز ۽ ٻين سان مشورو ڪري عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جنرل اليڪشن ۾ پنهنجي نالي مٿان مون ٺپو هنيو هو،سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه اڄ ٿيو آهي اهو سڀني ڏسي ورتو،هن چيو ته يوسف رضا گيلاني کٽي چڪو آهي،پي ڊي ايم قومي ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي شڪست ڏني آهي،7 ووٽ ناجائز طريقي سان رد ڪيا ويا، عوام جي اکين اڳيان سينيٽ چيئرمين جي چونڊ چورائي وئي آهي، هن چيو ته هر ادارو نيوٽرل ۽ پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري،پرزائيڊنگ آفيسر معرفت سازش ڪئي وئي آهي.بلاول چيو ته هي هڪ کليل ڪيس آهي، اميد آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف ملندو،هن چيو ته جهموري ادارن ۾ ڪٿي ته ڪا ڪمزوري هوندي،موجوده صورتحال ۾ جهموريت پسند مايوس آهن،پ پ چيئرمين، طلال چوڌري جي طنز جو جواب ڏيندي چيو ته هي ڪا تنظيم سازي نه هئي،اسان جهموري جدوجهد ڪري رهيا آهيون،2018ع کان جدوجهد نه پيو ڪريان.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *