پ پ ايم اين اي عامر مگسي ۽ ايم پي اي نادر مگسي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا، نيب سکر قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2008ع کان 2013ع تائين ترقياتي اسڪيمن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نادر مگسي ۽ عامر مگسي تي قمبر شهدادڪوٽ جي اسڪيمن جا 2 ارب رُپيا جهل مگسي منتقل ڪرايا، من پسند ٺيڪيدارن کي اربين رُپين جا مبينا طور ٺيڪا ڏنا ويا، 2010ع ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل رستن جا ٺيڪا بلاول شيخ ۽ پرس رام کي مليا، ٻڌايو وڃي ته 850 ملين رُپيا ڪٿي خرچ ٿيا؟ نيب سکر ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي خط لکي 29 اپريل تائين رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *