تعليم ۽ سياحت جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حڪومت ڪيڏانهن به نه پئي وڃي جڏهن ته پي ڊي ايم هڪ ناڪام تحريڪ آهي. حيدرآباد ۾ ڪلهوڙا خاندان جي مقبرن جي دوري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير تعليم ۽ سياحت شفقت محمود چيو ته حڪومت پنهنجي 5 سالن جي مدت پوري ڪندي جڏهن ته پي ڊي ايم هڪ ناڪام تحريڪ آهي. پي ڊي ايم ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون ته حڪومت ڊسمبر ۾ ختم ٿي ويندي. پوءِ چيو ته جنوري ۾ حڪومت ختم ٿيندي. پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون پر حڪومت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم طرفان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو پر ان جي به اڃا تائين تاريخ سامهون نه آئي آهي. بنيادي طور پي ڊي ايم هڪ ناڪام تحريڪ آهي. جهڙي طرح ڌڪي اسٽارٽ گاڏي هوندي آهي اهڙي طرح پي ڊي ايم کي به ڌڪو ڏئي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت هوندي آهي. سندس ذاتي خيال آهي ته 18هين ترميم جي ڪجهه شقن کي تبديل ٿيڻ گهرجي. مثال طور 18هين ترميم ۾ تعليمي نصاب صوبن جي بنياد تي تبديل نه ٿيڻ گهرجي. ملڪ ۾ قومي نصاب لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قوم پاڻ ۾ تقسيم نه ٿئي. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڪثريت ملندي. وفاقي حڪومت هڪ منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن تحت ملڪ جي قومي ورثي کي نقشي تحت بڻايو ويندو. ان نقشي سان معلوم ٿيندو ته اسان جو قومي ورثو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. هن چيو ته قومي ورثو صوبائي حڪومتن جي ماتحت آهي پر وفاق به ان حوالي سان ڪوششون ڪري رهيو آهي ته جيئن قومي ورثي کي بچائي سگهجي. هن چيو ته جتي وفاقي حڪومت جي ضرورت پوندي اتي ضرور وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وفاقي وزير حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي سميت ڪلهوڙا خاندان جي تاريخي مقبرن جو جائزو پڻ ورتو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *