پي ٽي آءِ طرفان جي يو آءِ ف خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ جي يو آءِ ف جي اڳوڻي اڳواڻ حافظ حسين احمد طرفان ڏنل انٽرويو جو مسودو به شامل، ذريعن موجب درخواست ۾ لکيو ويو آهي ته حافظ حسين احمد پنهنجي انٽرويو ۾ مولانا فضل الرحمان لاءِ لبيا ۽ عراق مان فنڊز وٺڻ جو اعتراف ڪيو، مولانا فضل الرحمان سوڌو ٻين اڳواڻن ڪيترائي ڀيرا ٻنهي ملڪن جا دورا به ڪيا……