ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي حڪومت متحده جي ووٽن جي ڪري قائم آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته متحده وارا ڪهڙي مجبوري ۾ وفاقي حڪومت جي اتحادي بڻيل آهي، چاهيون ٿا ته آدمشماري سوڌو ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ متحده اسان جو ساٿ ڏئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سالن کان متحده جا نمائندا سليڪٽ ٿيندا رهيا آهن، اُهي ٻڌائين ته ڪراچي جي عوام لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهاڻن سوڌو سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ٿيڻ تائين وفاق کي ٻيٽن جي هڪ انچ تي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، پارليامينٽ سوڌو هر فورم تي ٻيٽن ۽ مهاڻن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارينداسي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *