اسلام آباد (ويب رپورٽ) پيپلز پارٽي به سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي راءِ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت آئين ۽ پارليامينٽ کي بي توقير ڪرڻ واري ڪوشش ۾ ناڪام ٿي وئي، حڪومتي ٽيم ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سپريم ڪورٽ حڪومت کي پارليامينٽ جو رستو ڏيکاريو آهي، حڪومت ملڪ کي ايڊهاڪ بُنيادن تي هلائڻ بند ڪري، ملڪ آرڊيننس ذريعي نه، پارليامينٽ ذريعي هلندو آهي، حڪومت ۾ سياسي مامرا حل ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سپيڪر آغا سراج دُراني طرفان به سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جِي راءِ جِي آجيان…..

 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *