لاهور  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته جعلي حڪومت گهڻا ڏينهن  نه هلي سگهندي، پارليامينٽ کي خالي نه ٿا ڇڏي سگهون، 2018ع جي اليڪشن ۾ ووٽ چوري ڪيو ويو، اسان هن حڪومت سان گڏ رهڻ نه ٿا چاهيون، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعلي حڪومت گهڻا ڏينهن  نه هلي سگهندي، اتفاق راءِ سان فيصلا ڪنداسين، اسان جو اصل مقصد عوام کي رليف پهچائڻ آهي، پارليامينٽ کي خالي نه ٿا ڇڏي سگهون، هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۽ رستن تي سياست ڪنداسين، ثابت ڪري ڇڏيو ته پارليامينٽ ۽ عوام اسان سان گڏ آهي، عمران خان  عوام جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، سليڪٽڊ کي اعتماد جا جيترا ووٽ مليا، ايترا  ته ميمبرز ايوان ۾ نه هئا، حمزه شهباز چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ جعلي حڪومت مڙهي وئي، جعلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، عوام ظالم حڪومت کان جند ڇڏائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته نئين پاڪستان ۾غريبن  کان ماني جو گرهه ۽ گهر کسيو ويو، عوام تي مهانگائيءَ جو ايٽم بم اڇلايو  ويو، 2018ع جي اليڪشن ۾ ووٽ چوري ڪيو ويو،  دنيا ڏٺو ته چونڊيل ميمبرز کي اغوا ڪري جهاز ذريعي بني گاله نيو ويو، اسان هن حڪومت سان گڏ رهڻ نه ٿا چاهيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *