پيرڳوٺ ڪچي جَي ڳوٺ اُلرا ڀٽا تي هٿياربندن ڪاهه ڪري فائرنگ ۾ ڀُٽا برادري جي ٻن ڄڻن کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مقتولن ۾ سراج ۽ ابوبڪر ڀٽو شامل آهن. متاثر ڌر الزام هنيو آهي ته ناريجا برادري جَي هٿياربندن حملو ڪيو آهي. ٻن ڄڻن جَي قتل بعد جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.