پيرونمل ۾مينهن چورائڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي چورن ڀاڳي کي قتل ڪري ڇڏيو، شهر جي اڪن آباد پاڙي ۾چورن اتمون ڀيل جي گهر مان مينهن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي. گهرڌڻي اتمون ڀيل سجاڳ ٿي هڪ چور کي پڪڙيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري کيس موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول پورهيت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته چوري دوران مزاحمت ڪرڻ تي گهر ڌڻي جي قتل بعد جوابدارن جا پيرا کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ڀاڳيئي جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ايس ايس پي سانگهڙ طرفان پهچي مظاهرين سان ڳالهيون جاري آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *