پني عاقل جي نينگري افسانہ سميجو کي انصاف نه مليو ، وڏيرن معصوم ٻارڙي افسانا سميجو سان ٿيل زيادتي واري مامري جو جرڳو ڪري ڇڏيو. پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ۾ ٻه سال اڳ مسجد جي پيش امام  شفقت سميجو پاران مدرسي ۾ پڙھندڙ ستن ورھين جي معصوم ٻارڙي افسانا سميجو کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ھو. ذريعن موجب زيادتي واري مامري جو ٻن سالن کانپوءِ گوٺ نوراجا ۾ وڏيري امداد سميجو جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ کان بغير ئي وڏيري فتوا جاري ڪندي معصوم افسانا کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ مولوي واري ڌر تي ڏھ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو. رابطو ڪرڻ تي وڏيري امداد خان سميجي جو چوڻ هو ته هن ڪوبه جرڳو ناهي ڪيو. افسانه  کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ مسجد جي مولوي مٿان بائجي ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ھئي جوابدار فرار ٿيڻ کانپوءِ بعد ۾ پوليس وٽ پيش ٿيو ھو ،جڏھن ته ھاڻ جوابدار ضمانت تي آزاد ھو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *