پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صوبي ۾ ننڍي چونڊ بابت خدشا ختم ڪيا وڃن، قانوني طور نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ ڪاميابي جو اعلان ڪرڻ پي ٽي آءِ جي ذميواري آهي، نواز ليگ وارا چوري کانپوءِ سينا زوري ڪري رهيا آهن، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال طرفان فردوس عاشق اعواڻ خلاف ڪنڊڪٽ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، احسن اقبال چيو آهي ته اين اي 75 تي سموري چونڊ شڪي بڻجي وئي آهي، پي ٽي آءِ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي، ڊسڪه جي 36 پولنگ اسٽيشنز تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پولنگ بند رکي وئي، اليڪشن ڪميشن ذميوار عملدارن کي عبرت جو نشانو بڻائي، ته جيئن اڳتي ڪو سرڪاري عملدار ڌانڌلي جو سوچي به نه سگهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *