مريم نواز بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، اُهي ڳالهيون ڳجهه ڳوهه ۾ نه، پر عوام آڏو ڪيون وينديون، برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پاڪ فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اُن لاءِ شرط آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، پاڪ فوج سان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڳالهين تي غور ڪري سگهجي ٿو، اسٽيبلشمينٽ اسان جي ويجهن ساٿين سان ڳالهين لاءِ رابطا ڪيا آهن، مون سان سڌي ريت ڪنهن جو به رابطو ناهي ٿيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *