پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جِي ٽئين لهر بي قابو: اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور جون اسپتالون ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويون، اسلام آباد جِي پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ 182 هيلٿ ورڪرز ڪورونا ۾ وٺجي ويا، اسلام آباد جي ينگ ڊاڪٽرز دعويٰ ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ڪيئر وڪرز جي وئڪسين لاءِ رجسٽريشن بند ٿي وئي آهي، اسلام آباد جَي ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي اسپتال وڃي رجسٽريشن جو چيو آهي، هيلٿ ورڪرز کي وئڪسين جو ٻيون ڊوز ڏنو پيو وڃي. ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 41 ماڻهو فوت، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 14 هزار 256 کان وڌي ويو، وائرس جا 4 هزار 525 نوان ڪيس رپورٽ، متاثرن جو مجموعي انگ 6 لک 59 هزار 116 ٿي ويو، ڪورونا جا 5 لک 98 هزار 197 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، ڪورونا وائرس جِي ٽِين لهر سبب 8 سيڪڙو کان وڌيڪ مثبت شرح وارن شهرن ۽ ضلعن ۾ فوري طور هر قسم جَي ميڙاڪن تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، اين سي او سي اجلاس دوران ڪورونا متاثر علائقن ۾  اڄ مارچ کان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيوويو آهي، 5 اپريل کان انڊور ۽ آئوٽ ڊور شادي تقريبن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *